جان محمد جانڻ منگي

جان محمد جانڻ منگي: جان محمد ’جانڻ‘ 1886ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم ورنيڪيولر-2 مان حاصل ڪري ’شڪارپور اڪيڊمي‘ ۾ داخل ٿيو ۽ ميٽرڪ جو امتحان هاءِ اسڪول مان پاس ڪري تپيدار مقرر ٿيو. جان محمد ’جانڻ‘ کي شعر و شاعري کانسواءِ مطالعي جو به گهڻو شوق هوندو هو. سندس ذاتي لائبرريءَ ۾ هزارين ڪتاب هوندا هئا. سنڌي کانسواءِ اردو، پارسي، انگريزي ۽ سرائيڪي ٻولين جو به ڄاڻو هو. سنڌ جي مشهور شاعرن آغا صوفي، گل محمد ’زيب‘ مگسي ۽ ٻين سان گهرا تعلقات هئس. سندس ڪلام حيدرآباد جي صوفي اخبار ۾ ڇپبو هو. جان محمد ’جانڻ‘ 1943ع ڌاري وفات ڪئي.



هن صفحي کي شيئر ڪريو